ڊاڪٽر شير مهراڻي

ڊاڪٽر شير مهراڻي

شير مهراڻي ڊاڪٽر

شير مهراڻي، ڊاڪٽر: اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏن جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي.ايس.سي (باٽني) ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۽ انگريزي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪيائين. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات’ جي عنوان تي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رهنمائي ۾ 2013ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي. سندس پهريون شعر 1999ع ۾ شايع ٿيو. هن شاعريءَ جي سکيا شاعر دوست محمد راڄپر کان حاصل ڪئي. هي ڪجهه عرصو پاڪستان ايئر فورس ۾ ملازم رهيو، بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ 2012ع ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. شير مهراڻي ڪيترو عرصو ماهوار ‘سوجهرو’ جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ‘نيوز ٽرانسليٽر’ ۽ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان سلهاڙيل رهيو. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جو بنيادي ميمبر هجڻ سان گڏ شاخ ڪنب ۽ ساس ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات’ 2013ع ثقافت کاتي طرفان ۽ ‘شاهه لطيف جو جديد اڀياس’ 2014ع جماليات: تنقيدي جائزو، پوئٽڪس (ترجمو) درد جو معراج (ترجمو) sons of the soil منصور ٿلهي جي ڪتاب مٽي مهاڻا جڳ انگريزي ترجمو، Bequest of Bhittia شاهه لطيف جي شاعري تي انگريزي ڪتاب راڄپر جر رمز (سگهڙ قادر بخش راڄپر جو ڪلام) سهيڙ، قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي جو ترجمو ڪيل هڪ ناول ‘تاپسي’ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ماهوار ‘سوجهرو’ ۾ قسطوار شايع ٿيو.کيس اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران 2013ع ۾ شاهه لطيف تصوف ايواڊ،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 2014ع جو بهترين تحقيق جو ايوارڊ ،۽ ثقافت کاتي پاران 2018ع جو شاهه لطيف ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. هي هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.03.01  عيسوي

اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسرار شام
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
پنجواڻي رام پروفيسر
سيد نور رضوي
حيدر بخش عزيز گوپانگ
روشن سندر چانڊيو
شاهه بليغ الدين
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
ڄيٺواڻي هريڪانت
صبيحا نذير مگسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون